Aftab Ahmed Lund

Aftab Ahmed Lund online

Permanently closed.
ايم اين اي محترم جناب مير غلام علي خان ٽالپور جي بھادر نياڻي ميڊم لينا ٽالپور اين جي اوز جي تعاون سان بي گھر ٿي ويل برسا...
03/09/2022

ايم اين اي محترم جناب مير غلام علي خان ٽالپور جي بھادر نياڻي ميڊم لينا ٽالپور اين جي اوز جي تعاون سان بي گھر ٿي ويل برسات متاثر يوسي نبي بخش ڪمبوھ جي ڳوٺ مشتاق لنڊ گل محمد منڱريو گلاب منڱريو ۽ڳوٺ نبي بخش ڪمبوھ سميت ڀرپاسي جي مسڪين ڳوٺاڻن ۾ راشن جا 800 سئو بيگ تقسيم ڪيا ۽ پاڻ پنھنجي ٽيم سان گڏ خود سمورو ڪم ڪار ڪندي ان موقعي تي سلمان صاحب ۽ اي سي ماتلي سميت اين جي اوز آفيسر پڻ موجود آھن
Copy Mir Aijaz Talpur

29/08/2022
29/08/2022

تاريخي شهر خيرپور ناٿن شاھ رات تائين ٻڏي ويندو.

رينجرس پاران شهرين کي ٻاهر نڪرڻ جو چيو ويو آهي

28/08/2022

ٻڏي جا ٻيڻا
قرآن پاڪ چوي ٿو!
"ولَسوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضٰى"
۽ جلد ھي اوھان کي رب ايترو ڏيندو جو اوھان خوش ٿي ويندؤ..!!!

28/08/2022

جهڏو پراڻ کي بدين سائيڊ ڳوٺ سائينداد علياڻي جي سامهون الهندي پاسي ڳوٺ وزير سرڪاڻي وٽان تمام وڏو گهارو پئجي ويو.

ھي قدرتي بارش نه امريڪا جي سازش ھئي  #هيءَ برسات آرٽيفيشل آهيڪلائوڊ سيڊنگ/ هارپ ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌ بلوچستان ۽ سرائيڪي ب...
28/08/2022

ھي قدرتي بارش نه امريڪا جي سازش ھئي
#هيءَ برسات آرٽيفيشل آهي
ڪلائوڊ سيڊنگ/ هارپ ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌ بلوچستان ۽ سرائيڪي بيلٽ خلاف ڪا عالمي قوتن جي سائنسي سازش آهي! پروفيسر ساجد سومرو ـ

#مان ڪيتري وقت کان پوسٽ جي ذريعي اھڙن خيالن جو اظھار ڪندو رھيو آھيان ـ مان موسميات کاتي ۾ ملازمت ڪندو آھيان اسان جي ڊپارٽمنٽ بہ مشرف جي دور ۾ ھٿراڌو مينهن جو ڪامياب تجربو ڪيو ھو ان جو موسميات کاتي وٽ رڪارڊ پڻ موجود آھي !
ھن برسات لاء ڪجهه سوال !!
#ھي سسٽم اچڻ کان 10 کن ڏينھن پھریائین آمريڪي سرڪار سنڌ سرڪار کي ايڊوانس ٻوڏ ايندڙ لاء ڏھ لک ڊالر امداد ڇو ڏني ؟
#برسات ٻن ڊائريڪشن کان ساڳي ساڳي روٽ سان ڇو پئي اچي ؟
#ڇا رياست ۽ آمريڪا گڏيل بنيادن تي ھٿراڌو مينهن جو تجربو ڪيو آھي ؟
#جيڪڏھن ھي قدرتي روٽ جو مينهن آھي تہ سرائيڪي بيلٽ ' ٿر ' حيدرآباد ۽ وچولي سنڌ مان ئي ڇھ ئی اسپيل ڇو گذريا ؟
#ايران ھٿراڌو مينهن وسائڻ جو الزام امريڪا تي ھڻي چڪو آھي ـ
#ڪراچي ۾ عالمي سرمائدارن ۽ پاڪستان جو معاشي حب آھي جيڪڏھن ھي مينهن قدرتي ھجي ھان ته ان جي شدت ٻولھاڙي کانپوء گھٽجي ڇو پئی وڃي ؟
ڇا آمريڪا واقعي " ھارپ ٽيڪنالاجي " جو تجربو پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيو آھي ؟
مان ته ھٿراڌو مينھن کي بلڪل به رد نہ ٿو ڪيان ــ
copy

چمبڙ... گوگل ميپ تي واضع طور تي ڏسي سگهجي ٿو جيڪي پاڻي جي نڪرڻ جا قدرتي لنگھ يعني ڍورو آهي جيڪو سرڪاري آھي ان تي قبضو ڪي...
28/08/2022

چمبڙ...
گوگل ميپ تي واضع طور تي ڏسي سگهجي ٿو جيڪي پاڻي جي نڪرڻ جا قدرتي لنگھ يعني ڍورو آهي جيڪو سرڪاري آھي ان تي قبضو ڪيو ويو آهي عوام ٻڏي پئي گهرن وارا بي گهر ٿي ويا آهن پر هي ڍورو سرڪار کي نظر ڪون ٿو اچي بشير آباد کان گذري ٿو جتي بند ٿيل آهي لکين ماڻهن کي بچائي سگهجي ٿو. 11 سال اڳ به ساڳئي مها ٻوڏ آئي هئي تڏهن به ڪي اپاءَ نه ورتا ويا مستقبل ۾ هنن جو ڪو ارادو ڪونهي اصل ۾ هي ڊيوٽي پنهنجو فرض سمجهي ۽ خدمت سمجهي ڪون ٿا ڪن هي پگهار عوام جي پئسن مان کڻن ٿا ۽ عوام کي ئي ٻوڙين ٿا. عوام ﷲ جي آسري سدائين غوطا کائيندي رهي ۽ رڙيون ڪندي رهي. هنن کي پگهارن ۽ مرعاتن سان غرض آهي آفيسر شاھاڻا زندگي گذارين ٿا افسوس آهي...

جيء جهوريندڙ تصوير😥هي معصوم ميهڙ ڀرسان ٺيٺن جي ڳوٺ جي رهواسڻ آھي جيڪا برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب معصوم گل سخت زخمي ٿي...
28/08/2022

جيء جهوريندڙ تصوير😥
هي معصوم ميهڙ ڀرسان ٺيٺن جي ڳوٺ جي رهواسڻ آھي جيڪا برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب معصوم گل سخت زخمي ٿي پئي آھي
زخمي نياڻي جا مسڪين مائٽ لڏو کڻي اچي
ڄامشورو ۾ کليل آسمان هيٺ پناھ ورتي آھي

27/08/2022

شديد برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ 31 آگسٽ تائين موڪلون وڌائڻ تي غور

ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت سمورن ايس ايڇ اوز کي سخت هدايتون.سمورن ايس ايڇ او...
27/08/2022

ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت سمورن ايس ايڇ اوز کي سخت هدايتون.
سمورن ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي ٿاڻن جي حد ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽرن جو دورو ڪن ۽ چيڪ ڪن ته ڪٿي به ڊيوائس معافيه رقم مان ڪٽوتي ته ڪري رهيا آهن
جيڪڏهن ڪو اهڙو عمل ڪندي پڪڙيو وڃي ته ان کي گرفتار ڪري ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌو دريا ۾ 27 ۽ 28 آگسٽ 12 بجه تائين ٻوڏ جي وارننگ جاري، 7 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان
27/08/2022

سنڌو دريا ۾ 27 ۽ 28 آگسٽ 12 بجه تائين ٻوڏ جي وارننگ جاري، 7 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان

✌✌
27/08/2022

✌✌

سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن کي 25000  جو اعلان ڪيو ھو اڄ کان ان جا ميسيج 8171 کان اچڻ شروع ٿي ويا پنهنجي نالي جيڪا سم آهي...
27/08/2022

سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن کي 25000 جو اعلان ڪيو ھو اڄ کان ان جا ميسيج 8171 کان اچڻ شروع ٿي ويا پنهنجي نالي جيڪا سم آهي اھو پنهنجو نمبر آن رکي ڪڏهن به ميسيج اچي سگهي ٿو!!!!!!!
پــــوســـٽ کـــــي اڳـتــي شــــيـئـر ڪـــندا مھـــربانـــي 🙏

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرن کي 25ھزار اڄ کان ميسيج 8171 کان اچڻ شروع ٿي ويا
26/08/2022

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت
ٻوڏ متاثرن کي 25ھزار اڄ کان ميسيج 8171 کان اچڻ شروع ٿي ويا

 #ٻوڏ    چوڻ ۾ تہ ھڪ خبر آهي تہ ھو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو، ھو ڳوٺ ٻڏي ويو. پر ڪڏهن سوچيو آهي تہ ٻوڏ ڪيترا خواب پاڻ سان گڏ ...
25/08/2022

#ٻوڏ
چوڻ ۾ تہ ھڪ خبر آهي تہ ھو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو، ھو ڳوٺ ٻڏي ويو. پر ڪڏهن سوچيو آهي تہ ٻوڏ ڪيترا خواب پاڻ سان گڏ لوڙھيو وڃي ٿي. جڏهن اھا خبر باھ وانگر پکڙجي وڃي تہ ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺ کي پھچڻ وارو آھي ڳوٺ خالي ڪريو تہ وڏي ۾ وڏو ڏک ھڪ ماءُ کي پھچندو آھي. ماءُ سڀ کان پھرين ٻارن جا ڪتاب، ٻارن جا سرٽيفڪيٽ ٻارن جا ڪپڙا گڏ ڪندي آهي. غريب ماڻھو روئندي پنھنجا گھر ڇڏيندا آهن. ماءُ حثرت ڀريل نگاهن سان ان ڪاٺ جي پيتي کي ور ور ڏئي ڏسندي آهي جنھن ۾ سندس نوجوان نياڻي جو ڏاج رکيل ھوندو آھي. جيڪو ماءُ ڏاڍو مشڪل سان بکون ڪاٽي گڏ ڪيو ھو. ان پيتي ۾ ڪو ھڪ اڌ سٺو ٿانؤ بہ رکيل آهي جيڪو ھن پاڻ ڪڏهن بہ استعمال نہ ڪيو آھي اھو نينگري جي ڏاج لاءِ رکيو ھئائين. جيڪا بہ ھن کي ڪا سٺي شئي لڳي ٿي سا نياڻي کي ڏيڻ لاءِ گڏ ڪندي پي آئي. اھي سڀ شيون ان ڪاٺ جي پيتي ۾ رکيل آھن جن کي ھو ڇڏي نٿي وڃي سگهي. ڦٽين جي چونڊائي، لائي، لابارا ۽ ڪنڊيون ڪري ھڪ نئون بسترو ۽ کٽ بہ ورتائين. تازو ڪڻڪ جي ونڊي، لائي، لابارو ۽ ڪنڊي ڪري ڪجھ ڪڻڪ جا مڻ بہ گھر ۾ رکيل ھئا انھن سڀني کي ڪيئن ڇڏي وڃي. جيڪو سڄي سال لاءِ ٻچن جو پيٽ گذر ھو. ھر ڪو چئي پيو تہ جيڪو مال رڍ، ٻڪري، ڍڳي يا مينھن آھي ان جو رسو کوليو جيڪڏهن سندس حياتي ھوندي تہ پاڻھي تري ٻاھر نڪري ويندو. ماءُ سوچي پئي تہ ھن اڪيلي ڍڳي کي ڪيئن ڇڏيان جيڪا منھنجي سڄي گھر کي پاليندي ھئي. ھڪ ٽائيم صبح وارو کير وڪڻي کنڍ، چانھ، تيل ميٽ دوا درمل ٻارن جي گوري دوا ڪندي ھئس ۽ ھڪ ٽائيم جي کير مان لسي مکڻ ڪري گھر پاليندي ھئس. انکانپوءِ منھنجي ان ڪچي چونري، لانڍي يا ڪوٺي کي ڪيئن ڇڏيان جنهن کي مون ڪچي مٽي مٿي تي کڻي ٺاھيو آھي. ھر ٻي سال گھر ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
مون کي سوچي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي ۽ افسوس بہ. اسان جا حڪمران الله کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندا. حضرت عمر رضي الله عنہ جڏهن حڪمران ٿيو تہ پاڻ فرمايائون تہ منھنجي دؤر حڪومت ۾ جيڪڏهن ھڪ ڪتو بہ بکايل يا اڃايل مري ويو تہ عمر جوابدار ھوندو. پاڻ پوڙھي عورت جي گھر پنھنجي ڪلھن تي ان جي ٻوري کڻي پھچائي چوي ٿو امان رب پاڪ وٽ منھنجي شڪايت ڪون ڪندينءَ؟
اسان جا اڄ جا حڪمران الله جي اڳيان ڪھڙو جواب ڏيندا؟ ڪھڙو بھانو ٻڌائيندا؟
غريبي بہ الله جي ھڪ نعمت آهي. ظلم ۽ ڪنھن جو حق نہ کائڻ جو موقعو نہ ملڻ بہ الله جو فضل آھي.

24/08/2022

ماتلي تعلقو سڄو مڪمل تباھ سڄي تعلقي ۾ پاڻي ايڏو بيٺو آھي ڄڻ درياھ لڙھي آيو ھجي غريب تمام گھڻو پريشان ماني ڳڀي لاء مزدوري بند برسات ھٿ ئي نٿي ڪڍي اڄ وري چالو ٿي وئي خدا خير ڪري الائيجي ڇا ٿيندو فصل ت ويو ختم ٿي مگر ھاڻ ماڻھن جي جان کي خطرو آھي

24/08/2022

Page Fallow &Like ✌

Address

Tando Ghulam Ali
72050

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Aftab Ahmed Lund posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share