Tabdeli Passand Party Nawab Shah

  • Home
  • Tabdeli Passand Party Nawab Shah

Tabdeli Passand Party Nawab Shah Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Tabdeli Passand Party Nawab Shah, Event Planner, .

28/10/2021
31/12/2019

ٻيلو کاتو نواب شاه

رپورٹ ۔ TV TODAY .

قاضی احمد ۔ محکمہ جنگلات ضلع شہید بینظیر آباد کی چالیس ہزار ایکڑ اراضی پر بااثر افراد قابض، جس میں تحصیل سکرنڈ اور تحصیل قاضی احمد کی سرکاری اراضی شامل ہے ۔

تعلقه قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي چاليه هزار ايڪڙن تي مشتمل ٻيلا باقي پنج هزار تي بچيا جنهن ۾ 4000 ڪوٽ ڳاڻو ء باقي هزار مختلف جڳهين تي مس بچيا آھن
قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي آس پاس مختلف ٻيلن جي 35000 ايڪڙن تي بااثرن سيڪريٽري ۽ ڊي يف او جي مدد سان قبضا ڪري ڇڏيا۔
قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي زمين تي قبضا ڪندڙ پنجاه ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيون ٿا جن بيٺل ٻيلا ڀيلرايا
پهرين ٻيلن جا نالا جن تي قبضا ڪيا ويا آھن.(ناسري،اڌڙي،لاکاٽ،لاکاجاگير،سکپور،ٺٺ جاگير ۽ مڏ ۔۔۔
هاڻيانهن ماڻهن جا نالا جن نوابشاه ۾ ٻيلن تي قبضا ڪيا۔صالح شاه،ممتازڪلوئي،اوڀايو لاکو،نوردين مري،عمر اوٺو،ڪرم شاه،محمود مهر،سرور جتوئي،سڪندرشاه،حسين جتوئي ۽ ۔۔
انهن جا سروي مطابق نالا حسين جتوئي ،فوجي جتوئي،حامد چانڊيو،عليشير انڙ،امير لاشاري،عرس لاکو،بلاول راهو،قادن سماٽي،قادن شاه،اياز شاه،گائيچا۔۔
اڃا سروي هلي پئي گائيچا ، ڪرم شاه ، وارث ڪلوئي ڇٽا ، ۽ ٻيا جن جي سروي رهيل آ انهن جا ڪهڙن ٻيلن ۽ ڪيتري زمين تي قبضو آھي تفصيل وئي۔۔

فرسٽ بيچ ڪمپليٽ ٿي وئی. قائد عوام یونیورسٽي طرفان انگلش اسپيڪنگ ء فوينٽڪ جي پھرين بيج پھنجو ڪورس مڪمل ڪري ڇڏيو. آخري ڪلا...
04/05/2019

فرسٽ بيچ ڪمپليٽ ٿي وئی.
قائد عوام یونیورسٽي طرفان انگلش اسپيڪنگ ء فوينٽڪ جي پھرين بيج پھنجو ڪورس مڪمل ڪري ڇڏيو. آخري ڪلاس کان پوء سر ڊاڪٽر منصور چنا سان ڪورس جي پارٽيسيپنٽس جو گروپ فوٽو انگلش ڊپارٽمنٽ جي سامھون.
انشااللہ نيو ڪورس فرسٽ رمضان / ست مئی کان شروع ڪيو ويندو.
جنھن م ھڪ اسڪل جو واڌارو آندو ويندو ء ھڪ ھفتو بہ وڌايو ويندو.
ايندڙ ڪورس م
انگلش اسپيڪنگ اسڪلز
انگلش فونيٽڪ اينڊ فونو لوجي
ء انگلش رائیٽنگ اسڪلز
پڙھايو ويندو .....
ٽائیمنگ ٻہ ڪلاڪ ھفتي جا چار ڏينھن
رابطي لاء: 03353645226
03003316760

پريس رليز (2019 _03_17)ڪراچي مان مائٽن وٽ گهمڻ آيل نوجوان ناري بيبي مري جي پراسرار خودڪشي ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ بنا ڪفن جي دفنائ...
17/03/2019

پريس رليز (2019 _03_17)

ڪراچي مان مائٽن وٽ گهمڻ آيل نوجوان ناري بيبي مري جي پراسرار خودڪشي ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ بنا ڪفن جي دفنائڻ واري جاچ ۾ اثر رسوخ رکندڙ ڌرين جي اثر انداز ۽ جاچ ۾ دير وارن حربن خلاف ڊسٽرڪٽ سول سوسائٽي نيٽورڪ ۽ سنڌ هيومن رائٽس ڊفينڊرز پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
مظاهري کي خطاب ڪندي واجد لغاري، شميم مري، ، منظور ميمڻ، يونس ٽالپُر، نوشين پهوڙ، تاج بلوچ چيو ته بيبي مري کي قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچايو ويو آهي. جنهن جي غيرجانبدار انڪوائري چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نگراني ۾ ٿيڻ گهرجي.
۽ حقيقي ۽ اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري اصل حقيقتون وائکيون ڪيون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته غير جانبدار ۽ غير مقامي ڊاڪٽرن تي مشتمل ميڊيڪل بورڊ جوڙي بيبي مري سان ٿيل ڏاڍ ۽ زيادتي کي وائکو ڪيو وڃي ۽ بااثر ماڻهن جي سياسي ۽ سماجي مداخلت بند ڪرائي وڃي ۽ انهن سان گڏوگڏ بيبي مري جي وارثن تان ذهني دٻاءُ ختم ڪري کين سچ ڳالهائڻ لاءِ همٿايو وڃي.
هنن وڌيڪ چيو ته بيبي مري جي موبائيل فون تان موڪليل ايس ايم ايس ۽ ڪالن جي فرانزڪ رپورٽ پڌري ڪئي وڃي.
هِنن چيو ته آخر ڪهڙي مجبوري هئي جو ڳجھ ڳوهه ۽ رات پيٽ ساڳين ئي ڪپڙن ۽ بنا غسل ۽ ڪفن ڏيڻ جي دفنايو ويو.
اسان سمجهون ٿا ته پڙهيل لکيل ميڊيڪل جي شاگردياڻي خودڪشي نه پر ماري وئي آهي.
اسان چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، آئي جي پوليس سنڌ، ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور تي جاچ مڪمل ڪري حقيقتون عوام جي آڏو آنديون وڃن.

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Tabdeli Passand Party Nawab Shah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Event Planning Service?

Share