Vehro sharif

Vehro sharif Vehro vehro hai yar

Vehro sharif is a beatiful village with having a lot of facilities Vehro name has been given by a famous saint: Hazrat Miyaan Jaan Muhammad Rahmatullah Alleeh; Vehro literally means in Sindhi sitting-down, in that sense it is known as Vehro village ,but Vehro is now considered as an urban area.

16/06/2024
❤
15/06/2024

19/05/2024

Vehro needs water supply with immediate action..
Share it if you agree..

وھري جي تازا ترين صورتحال 😎
14/05/2024

وھري جي تازا ترين صورتحال 😎

21/12/2023

پيدائشي اهي ٻار جن جا پير مڙيل هجن علاج ممڪن آهي
عام ڀلائي لاء وڌ۾ وڌ شيئر لازمي ڪندا
جديد آمريڪي طريقي پونسيٽي طريقہ ءِ علاج وسيلي ڪجھ هفتن جي علاج سان معصوم ٻارن کي عمر ڀر جي معذوري کان بچائي سگهجي ٿو.
رابطي لاءِ : ڊاڪٽر سجاد احمد مھر
ھڏن جوڙن جي سڀني بيمارين ۽ ھر قسم جي آپريشن جو ماھر سرجن
03337138092, 03113493123

تعليم تعليم ۽ تعليم ھيء پارٽيشن کان اڳ جو قصو آھي. کنڀري جا ڪنبير ۽ حاجي ايوب ڪنڀر ٻئي ڀاء، مٽي ۽ ٿانون جو ڪم ڪري رھيا آ...
30/08/2023

تعليم تعليم ۽ تعليم

ھيء پارٽيشن کان اڳ جو قصو آھي. کنڀري جا ڪنبير ۽ حاجي ايوب ڪنڀر ٻئي ڀاء، مٽي ۽ ٿانون جو ڪم ڪري رھيا آھن. ٿانون جو ٽنگڙو، گڏھ ۽ آويون آھن. راڄ ڀاڳ ۽ اھت آھن. اھو ھڪڙو ٻيو سماج ھو. ڪنبير ڪنڀر، خواجه معين الدين چشتي اجميري جو پانڌيئڙو ھو.
تڏھن برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ زورن تي هئي. ھڪ ڀيري ڏوڪرو ڪنبير پنھنجي گڏھ تي ڇور واري پاسي پنھنجي راڄ ۾ ٿانو ڏيئي موٽيو ھو. ڍورونارو ريلوي اسٽيشن تي رش لڳي پئي ھئي. قائد اعظم محمد علي جناح آيو ھو. سوٽ بشرٽ ۾ ملبوس ھن سھڻي ۽ شاندار شخص کي ڏسي ڪنبير فيصلو ڪيو ته آئون پنھنجي پٽ کي پڙھائي وڪيل ڪندس. پوء اجمير شريف ويو، الھوسائي لاء سوٽ بشرٽ وٺي آيو.
ائين ھن پنھنجي وڏي پٽ الھوسائي کي کنڀري جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو. ان کي ڏسي سندس ٻئي پٽ لونگ به پڙھڻ شروع ڪيو. لونگ سنڌي فائنل پاس ڪئي، پرائمري استاد جو آرڊر به مليو پر ڪنبير چيو ته سرڪاري نوڪريءَ کي ڇڏ آئون توکي چوپاڻن جو سونو راڄ ڏيان ٿو. الھوسايو پڙھي پيو، تون مون سان گڏ مٽيء وارو ڪم ڪر.
ائين الھوسايو پڙھيو، 1978ع ۾ وڪالت پاس ڪيائين. ھو گھڻو عرصو لوڪل گورنمنٽ ۾ سيڪريٽري ٿي رھيو. تنھنڪري عرف عام ۾ سيڪريٽري مشھور ھو. پوء ٽائون آفيسر ، ٽيڪسيشن آفيسر لوڪل گورنمنٽ ميرپورخاص، چيف آفيسر لوڪل گورنمنٽ ائٽ ميرپورخاص، مٺي ۽ عمرڪوٽ رھيو. 1998ع ۾ رٽائر ٿيو.
ڀلي پار تان ڀيرو ڪري آيا.
الھوسائي توڙي لونگ جي پريءَ جا نوجوان پڙھيل لکيل ۽ سٺن عھدن تي آھن.
پاڻ 16 رمضان شريف 2021ع ۾ جسد خاڪيءَ کي ڇڏيائون.
شال الله سائينء جي رحمتن ۾ ھجي.
Everyone

عمرڪوٽ ۾ آشوب چشم جي مرض ۾ تيزي سان اضافو! عمرڪوٽ  جي مختلف علائقن ۾ هر عمر جا ماڻهو اکين جي بيماري ۾ مبتلا آهن، اکين جي...
29/08/2023

عمرڪوٽ ۾ آشوب چشم جي مرض ۾ تيزي سان اضافو!
عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ هر عمر جا ماڻهو اکين جي بيماري ۾ مبتلا آهن، اکين جي اها بيماري هڪ ماڻهو کان ٻئي تائين پکڙجي ٿي. ۽ سنڌ جيء مختلف علائقن ڏيء اھا بيماري تيزي سان پڪڙجي رھيء آھيء

هن بيماريءَ جي عام علامتن ۾ اکين ۾ پاڻي ڀرڻ، لال ٿيڻ ۽ خارش شامل آهن.
ان بيماري جو سبب تيز آلوده ھوائون ساڻ تيزابيت جيء ميڪچر ڪريء پڪڙجي رھيء آھيء.

ھن وائرس جو بھترين اعلاج.
ٿڌي پاڻي سان اکين کي ڇنڍا هڻڻ، اينٽي بائيوٽڪ آئي ڊراپس
(ٽوبارسن ڊي) (ميٿاڪلور) يا ارڪ گلاب سميت ٻيو ڪو آئي ڊراپ استعمال ڪجي هي وائرس ٽن ڏينهن کان چار ڏينهن تائين هلندو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي وڌيڪ بهتر اعلاج لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان رجوع ڪيو.
هن وائرس کان بچاء لاءِ سن گلاسس جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

کنوڻ جا ٿر ۾ ڪلور ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن .هي تصوير  مٿان لڳل ارٿ راڊ جي اڄ ڪڍي آھي جيڪا کنوڻ جي ڪرڻ سان به نقصان ڪرڻ...
22/07/2023

کنوڻ جا ٿر ۾ ڪلور ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن .هي تصوير مٿان لڳل ارٿ راڊ جي اڄ ڪڍي آھي جيڪا کنوڻ جي ڪرڻ سان به نقصان ڪرڻ نه ڏيندي آھي ۽ ڪرنٽ کي زمين ۾ جذب ڪرائيندي آھي.
ڏٺو وڃي ته هن جو سڄو خرچ هڪ ٻڪري جي رقم برابر آھي پر اسان گورنمينٽ کي اپيلون پيا ڪريون ته راڊ لڳرائي ڏيو .گورنمينٽ مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي.
اڳ ۾ سڄي سال جي مينهن ۾ مشڪل سان ڳوٺ جي سيم ۾ اندازن 5 کنوڻون ڪرنديون هيون پر هاڻي اندازن هر ڳوٺ تي سال ۾ 50 کنوڻون ڪرن ٿيون .ڪٿي جاني نقصان به ڪن ٿيون ته ڪٿي مالي نقصان به ڪن ٿيون .ڪٿي وڻن جو نقصان به ڪن ٿيون.
منهنجي اندازي مطابق ٿر ۾ ھر سال 50 جي لڳ ڀڳ انسان کنوڻ جو کاڄ بنجن ٿا .5000 جي لڳ ڀڳ ٻڪريون رڍون ۽ 50 جي لڳ ڀڳ اٺ هن کنوڻ جي ور چڙھي وڃن ٿا.
باقي وڻن جو اندازو 5000 کان مٿي ٿيندو جيڪي وڏا وڻ هوندا آھن جن مان ڪجھ ته هزارين سالن جا هوندا آھن .وڻن جو ختم ٿيڻ به انساني جان جيترو ئي نقصان آھي جيڪي هن آلودگي کي جذب ڪن ٿا صاف سٿري آڪسيجن ڏين ٿا زمينن کي زرخيز رکن ٿا طوفانن کي روڪين ٿا مينهن وسائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا.
هڪ ڄار جو وڻ سوين سالن کان پو۽ پنهنجي فل جواني ۾ اچي ٿو ته کنوڻ ساڙي ڀسم ڪريو ڇڏي اهو به وڏو نقصان آھي .وڻ ختم ٿيڻ ڪري ماحولياتي آلودگي وڌي ٿي زمين جو درجه حرارت وڌي ٿو ته موسمي تبديليون ٿين ٿيون.ٿر ڪول اچڻ سان وڻن جي تباهي ٿي وئي لاکين وڏا ڄار ڪنڊي ڪونڀٽ جا وڻ بلڊوزرن ڀسم ڪري ڇڏيا رهيل جيڪي وڻ ھئا انهن تي روڊ جي ڪري شامت نازل ٿي اهي به پاڙان پٽي اڇلايا ويا باقي ڪجھ ڳوٺاڻن به هٿ پڪو ڪيو ان جو نتيجو هي آھي جو مينهن جو ٻڌون ٿا در دريون بند ڪري ڪلمه پاڪ درود شريف جو ورد چالو ڪريون ٿا مينهن ختم ٿئي ٿو ته پاڻي کي ڏسي اندازو لڳايون ٿا ته هيترو مينهن پيو آھي پر هلندڙ مينهن ۾ ٻاهر نڪرڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون.
ان کان سوا۽ مين سبب ٿر ڪول جي اوپن پٽ مائننگ آھي جنهن ۾ ڌاتوئن جي ڪشش وڏو سبب آھي جنهن جي ڪري ٿر ڪول ايريا جي پسگردائي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ کنوڻون ڪرن ٿيون.
اڳ ۾ وڏا مائيٽ چوندا هئا ته مينهن کان اڳ ٽامي جا برتن ڪنجهي جا برتن اندر لڪايو کنوڻ ڪري سگهي ٿي پر پاڻ گوڏ هيٺ ڪري مينهن ۾ ضرور وهجندا هئا ۽ چوندا هئا ته الله پاڪ جي رحمت آھي وهنجو ثواب ٿيندو ۽ بت تي گرمي داڻا ارايون ختم ٿي وينديون .بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي پيا ونهجندا هئا پر هاڻي مينهن ۾ ٻاهر صرف ڪنڌ ٿو ڪڍجي ته شعلي سان گڏ ڌماڪو ٿئي ٿو ۽ 5 منٽ ۾ فيس بڪ تي ڦوٽو به اچيو وڃي .
مال ۾ عمومن ٻڪري ۽ اٺ تي کنوڻ تمام گهڻو ڪرندي آھي پر گهوڙي مينهن ڪتي تي ورلي ڪرندي آھي ان جو سبب سائنسي ماهر ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
مينهن ۾ جيڪڏھن گرجدار ڪڪر هجن ۽ کنوڻون ڪرنديون هجن ته سڀني کان محفوظ جڳھ پڪو ڪمرو آھي پر شرط اهو ته در دريون بند هجن ۽ ڀت سان انسان ٽچ ٿيل نه هجي ۽ ڪوشش ڪري لوهي کٽ تي نه هجي نه وري کٽ ڀت سان لڳل هجي.جيڪڏھن لوهي کٽ هجي ته پاڳن هيٺيان ڪاٺ لڳل هجي.
باقي چونئرو لانڍي بلڪل غير محفوظ آھن.ڇو جو ڪرنٽ کپن مان سڌو پاس ٿئي ٿو .ڪوشش ڪري ٻڪرين جي ولر کان ڇڊو رهجي ۽ ڀاڳين کي به کپي ته هڪ جڳھ تي ٻڪريون ڪٺو نه ڪن ڇڏي ڏين ته ٽڙ پکڙ هجن جيئن کنوڻ هڪ ڌڪ ۾ سڄو ولر چٽ نه ڪري.
عام طور چوندا آھن ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت تي کنوڻ وڌيڪ ڪرندي آھي ان جو سبب عورت جا مٿي جا وار آھن پر منهنجي اندازي مطابق عورت تي وڌيڪ کنوڻ ڪرڻ جو سبب اهو آھي جو مينهن اچڻ شرط عورت هلندڙ مينهن ۾ ڪاٺيون گڏ ڪري رکندي ته پسي نه وڃن سڪل کپ کڻي رکندي ته رڌ پچاء ۾ تڪليف نه ٿئي.پلر پاڻي سان دلا بالٽيون جڳھ جي نارن تان ڀريندي .گهر جون رليون جاجم مينهن جي پاڻي سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندي.ٻڪري ٻڌندي پاڏو گابو ٻڌندي يا ڇوڙيندي مطلب ته مينهن ۾ اڪثر گهر جي اڱڻ ۾ گهر جي ڪم ڪار ۾ هوندي آھي ۽ کنوڻ جو نشانو بنجي ويندي آھي.
ٿر ۾ ٻنين تي رهڻ وارا ۽ مال ۾ ويل ڌراڙ به اڪثر کنوڻ جو کاڄ بنبا رهندا آھن اهي به اڪثر مٿانهين جڳھ تي يا وڏي وڻ ھيٺ ويهندا آھن يا ٻڪرين سان گڏ ھوندا آھن.کنوڻ اڪثر مٿانهين جڳھ تي يا وڏن وڻن تي ڪرندي آھي.
ٿر ڪول جي چمني مان نڪرندڙ ڪاربان سلفر جيڪو فضا ۾ آلودگي پکيڙي ٿو اهو به کنوڻ ڪرڻ جو مک ڪارڻ آھي.
جيڪڏھن موت لکيل آھي ته ڀلين ستن زمينن منجھ لڪندو ته به اچي ويندو پر انسان کي الله پاڪ اشرف المخلوقات ٺاهيو آھي عقل ڏنو آھي ته ڪو شش ڪري حفاظتي تدبيرون ڪجن .انسان بيمار ٿئي ٿو ته علاج ڪرائي ٿو جيڪڏھن حڪم موت جو هوندو ته ڪيڏو به علاج ڪرائي موت اچي ويندو پر پو۽ به حيلا وسيلا ڪري ٿو ته الله پاڪ ان جي مدد ڪري ٿو ۽ صحتمندي ڏئي ٿو.
هر سال کنوڻ ڪرڻ جي شرح وڌندي ويندي ايندڙ 20 سالن کان پو۽ اڄ کان به ٻيڻي تعداد ۾ کنوڻون ڪرنديون ان ڪري ارٿ راڊ لڳرائڻ ضروري آھي جيئن نقصان کان بچي سگهجي.🙏C

⚠️ اگر اچانک 🐍سانپ کاٹ لے ⚠️        پریشان مت ہوں............اگر آپ ایسی جگہ موجود ہیں جہاں طبی امداد ناممکن ھے اور آپ ک...
18/06/2023

⚠️ اگر اچانک 🐍سانپ کاٹ لے ⚠️
پریشان مت ہوں............
اگر آپ ایسی جگہ موجود ہیں
جہاں طبی امداد ناممکن ھے اور
آپ کو سانپ نے کاٹ لیا ھے تو
پریشانی کی ضرورت نہیں،
فوری طور پر ڈنگ والی جگہ سے
دو انچ اوپر پٹی یا رسی کس کہ باندھ لیں
تا کہ زہر جسم میں نہ پھیلے اور
کسی تیز چیز سے زخم کی جگہ پر چیرا لگائیں
تا کہ خون نکلنا شروع ھو جائے اور
آک کا پودہ تلاش کریں
اسکا دودھ زخم والی جگہ اور ناف پر لگائیں
اور آک کے تازہ پتے یا اسکے پھول کھانا شروع کریں
اور اس وقت تک کھائیں جب تک کڑوے نہ لگیں.
ان شاءاللہ
اسی وقت زہر کا اثر ختم ھونا شروع ھو
جائے گا. کیونکہ
آک سانپ کے زہر کا (اینٹی) تریاق ھے .
شیئر کر دیں صدقہ جاریہ سمجھ کر

نيڪ ڏٺاسون ناري ۾اسانجو استاد سائين محمد يوسف ڪنڀر ڪير سڏائي!!!!؟مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي  ؒ  جي استاد ميان مبين ڪيرئي ؒ چ...
26/05/2023

نيڪ ڏٺاسون ناري ۾

اسانجو استاد سائين محمد يوسف ڪنڀر ڪير سڏائي!!!!؟

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ؒ جي استاد ميان مبين ڪيرئي ؒ چوٽيارين واري جي عزيزن ميان نور محمد، ميان سليمان ۽ ميان جان محمد وهرائي جي ڳوٺ وهري شريف جا ڪنڀر ناري پٽ جا نيڪ ڪردار رهيا آھن۔
جديد تعليم جو گس وٺي هو دنياوي ترقي سان گڏ
اندر جي روحاني سفر کان به غافل ڪونه رهيا آھن۔
پاڪستان جي سفارتي محاذ تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ۽ بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين رهندڙ حاجي راول ورياماڻي، منهنجي سائين محمد يوسف ڪنڀر جو مامون هو۔
سائين يوسف ملاڪاتيار جي مشھور بزرگ ميان اسحاق عرف چاکڙي واري سائين جو مريد ٿيو هو۔
سندس استادي جو پهريون آرڊر منهنجي جنم کان به چار سال اڳ 1957ع ڌاري ننگرپارڪر ۾ چنا ذات وارن جي ڳوٺ ٻلهياڙي ۾ ٿيو هو۔
اسڪول ۾ جنات جو اثر هو۔
تنهنڪري جيڪو استاد ايندو هو
رات جو ئي ڀڄي ويندو هو۔
سائين کي به ان اسڪول ۾ رات رهڻو پيو۔
ڳوٺ وارا صبح جو اچي ڏسن ته سائين يوسف ويٺو آھي!!! سائين نقشبندي سلسلي جو ذڪر ڪندڙ ھو۔
سو ان جِني شيطان کي جُوءِ ڇڏڻي پئجي وئي۔
پر ڳوٺاڻن کي ڳاله سمجه ۾ ڪونه آئي
سو سائين کان پڇيائون ”ڀلا ڪجه ٿيو ته ڪونه!!؟“
سائين چيو ”هڪڙي ڪيڪ ٿي ۽ پوء جي خبر ناهي“ ۔
اهو راڄ اصل ۾ ملتان جو مريد هو
پر پوء سائين يوسف سان گڏجي وڃي ملاڪاتيار جي بزرگ
ميان اسحاق جا مريد ٿيا۔
غلام رباني آگري مهراڻ رسالي ۾ مضمون لکيو هو ته
”آئون شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ ميان اسحاق سان ملڻ ويو هئس۔
مخدوم صاحب، ميان اسحاق ؒ کان پڇيو ته
”شاه عبداللطيف ؒ مخدوم محمد هاشم ؒ کي ايندو ڏسي مخدوم ٺاري ؒ جي ڪن ۾ ڪهڙي ڳالھ ڪئي هئي!؟
ميان اسحاق ؒ فرمايو هو ته
” شاه سائين ؒ ، مخدوم ٺاري ؒ جي ڪن ۾ چيو هو ته
”متان بحث ڪيو اٿئي!!!
آئون مخدوم محمد هاشم ؒ جي پيشاني ۾
نبي سائين صلي الله عليه وسلم جو نور پيو ڏسان!!“
چون ٿا ميان اسحاق ؒ سونهاري مبارڪ سميت مڇن جا وار به ڪونه ڪٽيندو هو۔ ڪنهن پڇيس ته چيائينس ته
” منهنجي مُنهن، ڏاڙھي ۽ انهن وارن تي نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن پنهنجا هٿ مبارڪ گهمايا آھن۔
هاڻي آئون انهن وارن کي ڪيئن ڪٽيان۔
سائين صالح محمد شاه چوندو هو ته
”مونکي خبر پئي ته ميان اسحاق ؒ سيد ذات واري کانسواء ڪنهن کي هٿ ڪونه ٿا ڏين۔
سو مون به سوچيو ته
”سائين ڏانهن وڃجي، ائين پڪ به ٿي ويندي ته
سيد به آهيان يا نالي ۾ لڪا پيا آھيون۔“
آئون ويس مونکي هٿ ڏيئي چيائين آھيو ته سيد پر افعال سيدن وارا ڪونه آھن!!“

سائين يوسف جا وڏا ته ڪاماري شريف جي جيلاني بزرگن جا مريد هئا پر سائين يوسف کانپوء هاڻي اڌ ڳوٺ ملاڪاتيار جو مريد آھي۔
گهڻو پوء سائين يوسف هاء اسڪول ڍوري ناري ۾
استاد ٿي آيو۔
انگريزي ۽ حسابن جو باشاه استاد هو۔
ڪنهن ڪنهن استاد جي زبان ۾ اهڙو چس ۽ سمجهاڻي ۾ اهڙو اثر هوندو آھي جو ڀانئجي ته پيو پڙھائي۔
سائين يوسف به اهڙن استادن مان هو۔
ذڪر فڪر ۽ مراقبن جي ڪري هن جي شخصيت تي
الله سائين جي جلال جا جلوا هوندا هئا۔
توڙي جو هو ڪڏهن به شاگردن کي ماريندو ڪو نه هو
پر شاگرد سندس رعبدار شخصيت کان سدائين ڊڄندا هئا۔
هو ڍوري ناري جي مين بازار ڏيئي نه مٽيندو هو پر سدائين ڀر واري سونارن جي گلي مان ڪنڌ هيٺ ڪري گذرندو هو پر بازار ۾ موجود ڪنهن شاگرد جي جيڪڏهن پري کان سائين تي نظر پوندي هئي ته اهو شاگرد لڪي ويندو هو ته متان استاد جي نظر نه پئجي وڃي ۽ صبح جو اسڪول ۾ سائين جي پڇاڻي ۾ نه ڦاسي پئون۔!!
سائين يوسف صبح جو سوير وهري مان نڪرندو هو۔
ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري عمرڪوٽ مان بس ۾ چڙھندو هو
۽ صوفي فقير ۾ لهي پيادل ڍوري ناري جي پنڌ پئجي ويندو هو۔ هو وريام راڄڙ جي ڳوٺ جو پاسو ڏيئي صوفي شاخ تي پيل ڪاٺ تان ٽپي، اسانجي ڳوٺ مان علوي سهتي ۽ گجن جي گهرن وٽان ٿيندو، ٽيون ميل موري ڪراس ڪري
ڍوري ناري پهچي ويندو هو ۽ اهو 10 ڪلوميٽر جو پنڌ ڪري هاء اسڪول ۾ اسيمبلي اچي اٽينڊ ڪندو هو۔
ناري پٽ اهڙا سوين ريگيولر ۽ حق حلال کائيندڙ استاد ڏٺا۔ هڪ دفعي عمرڪوٽ کان بس نڪتي پر ٿر واه جي موري تي بس خراب ٿي ويئي۔
اتان کان ڍورونارو 15 ڪلوميٽر ٿيندو۔
پاڻ بجاء واپس وڃڻ جي ٿرواه جي پٽڙي جهليائون
۽ اچي اسڪول پهتا۔
پوء روز اچ وڄ جي بجاء هاء اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئا ۽ هفتي هفتي ڳوٺ ويندا هئا۔
تڏهن ٽيوشن اڃا ڪاروباري صورت اختيار ڪونه ڪئي هئي۔ پاڻ هاسٽل کي استاد ٿي سنڀاليندا هئا ۽ رات جو شاگردن کي ٽيوشن به پڙھائيندا هئا۔
هو رڳو نصاب به ڪونه پڙھائيندو هو۔
هڪ ڀيري اسانجي ڪلاس ۾ عمرڪوٽ تي نادر شاه جي حملي جو ذڪر ڪندي ٻڌائي رهيا هئا ته
”جڏهن نادر شاه عمرڪوٽ تي ڪاهيو هو تڏهن شاه عنايت شھيد جو خليفو معشوق علي شاه دهلوي عرف نماڻو شاه پنهنجي مريدن ۽ معتقدن سان گڏ اتي ئي ويٺو هو جتي هاڻي سندن درگاه آھي۔
تڏهن عمرڪوٽ ڏي رستو نماڻي شاه وٽان گذرندو هو جيڪو هاڻي پاڪستان ٺھڻ کانپوء ختم ٿيو آھي۔
ڪنهن مريد چيس سائين نادر شاه جو لشڪر پيو اچي!!! سائين نماڻي شاه چيو فڪر نه ڪريو، ايڏي ڌوڙ اڏامندي جو پاڻ کي ڏسندا ئي ڪونه۔ پوء ٿيو به ائين!!
سائين نماڻي شاه جا سندس دؤر کانوٺي اکيراج جا سوڍا ۽ عمرڪوٽ جا سانجهيرا واڻيا معتقد ۽ خادم رهيا آھن۔
سائين يوسف پنهنجي مرشدن جي مهربانين ۽ محنتن سان صاحب ِ ڪشف بزرگ ٿي ويو هو۔
ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ ڪنهن شاگرد کي اٿياري پڇندو هو ته تو ڪالھ بازار ۾ ڇا ٿي ڪيو!؟
حالانڪه سائين يوسف بازار ويندو ئي ڪونه هو۔
سندس کٽ تي ڪير وهندو ڪونه هو
پر جيڪڏهن سندس غيرموجودگيء ۾ ڪو گهر جو ڀاتي وهندو هو ته سائين اچي پڇندو هو ته
”منهنجي کٽ تي ڪير ويٺو هو!!؟“
سائين يوسف جي دور ۾ به گهڻو پوء سائين ميرحسن پلي، عبدالرحمان سمون، امير الدين مهر، احمد سهتو ۽ عبدالرحمان شيخ وارا ڪجه مقامي استاد آيا هئا۔
ورنه اڳي ته سڀ استاد گل حسن لغاري، رحمت الله خاصخيلي، اميد علي لغاري، خورشيد(ميرپورخاص)، حاجي احمد علي ۽ حاجي محمد اسماعيل ميمڻ، علي الياس رضوي، ارجن داس، جيوڻ علي، خورشيد(جيمس آباد) شوقين مل اوڏ، هارون راهمون ٻاهر کان ايندا هئا۔
تنهنڪري هاء اسڪول ڍوري ناري جي پڙھائي
ان دور ۾ ته وڻ پئي وڄائيندي هئي۔
سندن دور جي هاء اسڪول ڍورونارو ڪيئي ناليوارا شاگرد پيدا ڪيا۔ انهن ۾ نور محمد جادماڻي، پروفيسر ڀمرو مل، فقير حاجي جادم مڱريو، حاجي علي مراد راڄڙ ، قبول احمد سومرو، لکاڏنو مڱريو، حاجي خير محمد مڱريو، حاجي نور محمد ۽ عبدالمجيد مڱريو، غازي خان سمون، قاضي محسن پلي، ڪامريڊ جان محمد پلي، ڊاڪٽر حافظ مڱريو، پروفيسر غلام علي مڱريو، انب خان ملاح، شهمير،بچل ۽ پنهون خان چوپاڻ، علي نواز ڀٽي، اسلم ۽ اشرف بنگش، لالو عطاء الله ۽ لالو فضل پٺاڻ، عبدالله خان، رانا اسحاق راجپوت، ڊاڪٽر گل جادماڻي، محمد اسحاق ڪنڀر، ڊاڪٽر مولابخش جوڻيجو، ميان پير محمد ولهاري، ميان نور محمد ولهاري، رسول بخش سميجو، عبدالقدوس ساند، جيئند ساند، حاجي نواب راڄڙ، ڊاڪٽر راجا گوري شنڪر کتري، ڊاڪٽر حنيف آريسر ، ڊاڪٽر مينهل نهڙي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، ڊاڪٽر تارا چند سوني، اله بخش مڱريو، محمد صالح ۽ استاد فيض محمد مڱريو، رسول بخش سميجو، پروفيسر ارباب علي سميجو، ڊاڪٽر راجڪمار سوٽھڙ، آسن سوٽھڙ، ڊاڪٽر ايسر سوٽھڙ، عبدالحليم راڄڙ، دريا خان عمراڻي جهڙن ڪيئي ڪامياب ڪردارن کانپوء به
ڪيئي نالا رهجن ٿا جن سائين يوسف جي دور ۾
هاء اسڪول ڍوري ناري مان پڙھي زندگيء ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون۔
پوء ڍوري ناري هاء اسڪول مان پڙھيل انهن نوجوانن
اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن ڍورونارو جو بنياد وڌو ۽ تعليمي ميدان ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو۔
سائين يوسف جا پٽ به سپوٽ آھن۔
وهري شريف ۾ ئي رهن ٿا۔
هڪ لائيو اسٽاڪ ۾ سروس ڪري ٿو
۽ پنج تعليم کاتي ۾ استادي پيشي سان نڀائي رهيا آھن۔
تڏهن اڃا ڍوري ناري جي اجازت فلم جهڙي ريلوي اسٽيشن پنهنجي عروج تي هئي، هاڻي ته پوري عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪو ڪارخانو ڪونهي پر تڏهن ڍوري ناري ۾ حيدري ڪاٽن فيڪٽري عروج تي هئي۔
مزدورن، قلين، گهوڙي گاڏين ۽ ڍڳي گاڏين وارن سان
بازار ۾ ريل پيل پيئي ٿيندي هئي۔
مسافر خانا آباد هئا۔ ناري جا چانور ۽ مڇيون هيون۔
ڍوري ناري جو تمام سٺو ۽ شاندار ماضي وري ويو آھي۔
هاڻي صرف يادون رهجي ويون آھن۔with the courtesy of Jala Kori Shb retired professor

Results of SSC Part-I (Class IXth) Annual Examination 2022 have been announced.
09/03/2023

Results of SSC Part-I (Class IXth) Annual Examination 2022 have been announced.

Shab-e- Meraj Mubarak to all the Muslims
18/02/2023

Shab-e- Meraj Mubarak to all the Muslims

24/12/2022

Spider view, While using Drone Camera coutesy:Culture day..

02/09/2022

شاباس واپڊا عمرڪوٽ
ھڪ مھينو گذري ويو پر وھرو شريف ۾ ,مينگھواڙ پاڙي جو ٽرانسفارمر ن ٺھيو .

مھرباني ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

𝙰𝚒𝚔 mahina 𝚐𝚞𝚣𝚛𝚗𝚢 𝚔𝚎 𝚋𝚊𝚠𝚊𝚓𝚘𝚘𝚍 𝙺𝚞𝚗𝚋𝚑𝚊𝚛 𝚘𝚛 𝚖𝚎𝚐𝚑𝚠𝚊𝚛 𝚙𝚊𝚛𝚘 𝚔𝚒 𝚋𝚒𝚓𝚕𝚒 𝚋𝚊𝚑𝚊𝚕 𝚗𝚊 𝚑𝚘 𝚜𝚊𝚔𝚢, 𝚕𝚘𝚐 𝚌𝚘𝚗𝚗𝚎𝚌𝚝𝚒𝚘𝚗 𝚍𝚘𝚜𝚛𝚒 𝚝𝚛𝚊𝚗𝚜𝚏𝚊𝚛𝚖𝚎𝚛 𝚖𝚊𝚒𝚗 𝚕...
31/08/2022

𝙰𝚒𝚔 mahina 𝚐𝚞𝚣𝚛𝚗𝚢 𝚔𝚎 𝚋𝚊𝚠𝚊𝚓𝚘𝚘𝚍 𝙺𝚞𝚗𝚋𝚑𝚊𝚛 𝚘𝚛 𝚖𝚎𝚐𝚑𝚠𝚊𝚛 𝚙𝚊𝚛𝚘 𝚔𝚒 𝚋𝚒𝚓𝚕𝚒 𝚋𝚊𝚑𝚊𝚕 𝚗𝚊 𝚑𝚘 𝚜𝚊𝚔𝚢, 𝚕𝚘𝚐 𝚌𝚘𝚗𝚗𝚎𝚌𝚝𝚒𝚘𝚗 𝚍𝚘𝚜𝚛𝚒 𝚝𝚛𝚊𝚗𝚜𝚏𝚊𝚛𝚖𝚎𝚛 𝚖𝚊𝚒𝚗 𝚕𝚊𝚐𝚊 𝚛𝚑𝚢 𝚑𝚊𝚒𝚗, 𝚢𝚎 𝚒𝚜 𝚖𝚊𝚑𝚎𝚗𝚢 𝚖𝚊𝚒𝚗 𝚍𝚘 𝚋𝚊𝚊𝚛 𝚝𝚛𝚊𝚗𝚜𝚏𝚊𝚛𝚖𝚎𝚛 𝚔𝚑𝚛𝚊𝚋 𝚑𝚠𝚊 𝚑𝚊𝚒 𝚔𝚘𝚒 𝚙𝚘𝚌𝚑 𝚗𝚢 𝚠𝚊𝚕𝚊 𝚗𝚊𝚑𝚒𝚗 𝚑𝚊𝚒..

𝙰𝚒𝚔 𝚑𝚊𝚏𝚝𝚊 𝚐𝚞𝚣𝚛𝚗𝚢 𝚔𝚎 𝚋𝚊𝚠𝚊𝚓𝚘𝚘𝚍 𝙺𝚞𝚗𝚋𝚑𝚊𝚛 𝚘𝚛 𝚖𝚎𝚐𝚑𝚠𝚊𝚛 𝚙𝚊𝚛𝚘 𝚔𝚒 𝚋𝚒𝚓𝚕𝚒 𝚋𝚊𝚑𝚊𝚕 𝚗𝚊 𝚑𝚘 𝚜𝚊𝚔𝚢, 𝚕𝚘𝚐 𝚌𝚘𝚗𝚗𝚎𝚌𝚝𝚒𝚘𝚗 𝚍𝚘𝚜𝚛𝚒 𝚝𝚛𝚊𝚗𝚜𝚏𝚊𝚛𝚖𝚎𝚛 𝚖𝚊𝚒𝚗 𝚕𝚊...
22/08/2022

𝙰𝚒𝚔 𝚑𝚊𝚏𝚝𝚊 𝚐𝚞𝚣𝚛𝚗𝚢 𝚔𝚎 𝚋𝚊𝚠𝚊𝚓𝚘𝚘𝚍 𝙺𝚞𝚗𝚋𝚑𝚊𝚛 𝚘𝚛 𝚖𝚎𝚐𝚑𝚠𝚊𝚛 𝚙𝚊𝚛𝚘 𝚔𝚒 𝚋𝚒𝚓𝚕𝚒 𝚋𝚊𝚑𝚊𝚕 𝚗𝚊 𝚑𝚘 𝚜𝚊𝚔𝚢, 𝚕𝚘𝚐 𝚌𝚘𝚗𝚗𝚎𝚌𝚝𝚒𝚘𝚗 𝚍𝚘𝚜𝚛𝚒 𝚝𝚛𝚊𝚗𝚜𝚏𝚊𝚛𝚖𝚎𝚛 𝚖𝚊𝚒𝚗 𝚕𝚊𝚐𝚊 𝚛𝚑𝚢 𝚑𝚊𝚒𝚗, 𝚢𝚎 𝚒𝚜 𝚖𝚊𝚑𝚎𝚗𝚢 𝚖𝚊𝚒𝚗 𝚍𝚘 𝚋𝚊𝚊𝚛 𝚝𝚛𝚊𝚗𝚜𝚏𝚊𝚛𝚖𝚎𝚛 𝚔𝚑𝚛𝚊𝚋 𝚑𝚠𝚊 𝚑𝚊𝚒 𝚔𝚘𝚒 𝚙𝚘𝚌𝚑 𝚗𝚢 𝚠𝚊𝚕𝚊 𝚗𝚊𝚑𝚒𝚗 𝚑𝚊𝚒..

18/08/2022

Congratulations Kunbhar Brothers Selected JEST Junior Elementary School Teacher BPs 14 And PST Primary School Teacher BPS:14 1-Rasool Bux 2-Mubark 3-Shoaib Ahmed 4-Savera Ali Sher Ali Sher 1-Faisal Moosa 2-Mansoor Ali 3-Rashid Sabghatullah 4- Kashif Iqbal 5-Amir jamil 6-Mujtaba Khalid Hussain 7-Amjad Ali 8-Sham ul Din 9-Shumaila Khalid Hussain 10-Fasilan Moosa 11- Adil Nazeer

ہم اپنی سانسیں تیرے نام کرتے ہیںاے وطن ہم تیری عظمت کو سلام کرتے ہیں..💚جشنِ آزادی مبارک ⁦⁦
14/08/2022

ہم اپنی سانسیں تیرے نام کرتے ہیں
اے وطن ہم تیری عظمت کو سلام کرتے ہیں..💚

جشنِ آزادی مبارک ⁦⁦

Address

Taluka And Distirict Umerkot, Sindh
Umarkot
33601

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Vehro sharif posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Vehro sharif:

Videos

Share


Other Umarkot event planning services

Show All